حيدرآباد: نوجوان پنهنجي زال ۽ سڳي ڀاءُ هٿان قتل، ڪيس داخل

0
682
حيدرآباد: نوجوان پنهنجي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) هوسڙي جي ڳوٺ جان محمد رند ۾ گهر مان پورهيت  جو لاش هٿ اچڻ وارو معاملي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، 42 ورهين جي جمعو ٿيٻو جو قتل ڪيس ڀاءُ  مقبول ٿيٻو ۽ زال رحمت ٿيٻو خلاف داخل ڪيو ويو آهي جڏهن پوليس مقتول جي گهرواري ۽ ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو آهي

مقتولا جي امڙ ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته پٽ جمعي کي سندس زال ۽ منهنجي ٻئي پٽ گهٽا ڏئي قتل ڪيو، پٽ مقبول ٿيٻي جا پنهنجي ڀاڄائي سان ناجائز لاڳاپا هئا، پٽ جمعي اعتراز جوڳي حالت ۾ ڏٺو جنهن تان ٻنهي گڏجي کيس قتل ڪيو.