حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي علائقي ٽاور مارڪيٽ وٽان 6 ڏينهن اڳ پوليس پاران کنڀي گم ڪيل ٽرانسپورٽر جي بڪيرا شريف ٿاڻي جي پوليس چرس ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي جنهن بعد پوليس خلاف ٽرانسپورٽرز ۾ تاءُ پکڙيل آهي. سنڌ يونائٽيڊ ٽرانسپورٽرز ايسوسيئيشن جي صدر رئيس قريشي عرف ماما کي سندس گڊز اڏي تان کنڀڻ وارا سي سي ٽي وي فٽيج منظر عام تي آيا هئا . بڪيرا پوليس کيس لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو جتان عدالت کيس 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو آهي. ٽرانسپورٽر رئيس قريشي عرف ماما جي ڀاءُ ساجد قريشي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته 6 ڏينهن اڳ رات جي وقت حيدرآباد پوليس جي اٽالن سندن گڊز ڪمپني تي ڪاهه ڪئي جتان سندن ڀاءُ کي کنڀڻ سان گڏ اتي پيل لکين رپين جي ماليت جو سامان به کنيو ۽ پوليس ڪمپني ۾ لڳل ڪئميرائن واري ڊي وي آر ڊسڪ به پاڻ سان گڏ کڻي وئي هئي. هن چيو ته واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيج موجود آهن جڏهن ته انهن ڀاءُ جي آزادي لاءِ عدالت سان به رجوع ڪيو پر تنهن باوجود پوليس سندن ڀاءُ بابت ڪجهه به نه ٻڌايو ۽ هاڻي کيس چرس جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي. هن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته هو معاملي جو نوٽيس وٺي ته جيئن بيگناهه ۽ عزتدار شهرين کي کنڀي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ وارو سلسلو بند ٿي سگهي.