حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي ۾ 15 قاسم آباد چوڪي ڀرسان نامعلوم ماڻهو هڪ نوجوان محمد فهد ولد شير محمد کي کنڀي کڻي ويا. قاسم آباد پوليس اهڙي واقعي کان لاعلمي ظاهر ڪئي آهي. چيو پيو وڃي ته 5 ڄڻا آڏواڻي گهٽي جي رهواسي ۽ دوائن جي دڪان تي ڪم ڪندڙ نوجوان محمد فهد ولد شير محمد کي کنڀي پاڻ سان گڏ گاڏي ۾ وجهي کڻي ويا. کنڀجي ويل نوجوان جي ڀاءُ محمد امين مطابق محمد فهد پنهنجي ڀيڻ سان گڏ هو، جڏهن ته کيس کنڀي کڻي ويندڙ ماڻهن کي پوليس جو ورديون پاتل هيون ۽ هو موبائيل گاڏي ۾ سوار ٿي آيا هئا. قاسم آباد پوليس اهڙي واقعي کان لاعلمي ظاهر ڪئي آهي. وارثن مطابق نسيم نگر پوليس خانه پوري لاءِ اڇي پني تي نوجوان جي معلومات لکي ڇڏي آهي پر اڃا تائين کنڀي گم ڪيل نوجوان جو ڪو پتو پئجي نه سگهيو آهي.