حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالت لطيف آباد يونٽ نمبر 5 جي ڪچي آبادي اڪبر آباد ۾ ماءُ ۽ ڌيءُ کي ڪمري ۾ قيد ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار کي هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ٻيهر پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. بي سيڪشن پوليس گرفتار جوابدار محمد وسيم کي رمانڊ لاءِ سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 6 جي عدالت ۾ پيش ڪيو. جاچ آفيسر کي عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدار کان کين جاچ ڪرڻي آهي ان لاءِ سندس هفتي جو رمانڊ منظور ڪيو وڃي پر عدالت جوابدار جو هڪ ڏينهن وارو جاچ رمانڊ منظور ڪيو. 2 ڏينهن اڳ بي سيڪشن پوليس ڪيس ۾ نامزد ٽن جوابدارن مان هڪ جوابدار وسيم کي گرفتار ڪيو هو. 28 جون تي لطيف آباد يونٽ نمبر 5 جي ڪچي آبادي اڪبر آباد ۾ گهر تي قبضي لاءِ جوابدار سهيل پٽ عزيز، سندس زال صائمه عرف شانه ۽ وسيم ماءُ ۽ ڌيءُ کي گهر ۾ بند ڪري ديوار کڻائي کين قيد ڪري ڇڏيو هو. اطلاع تي بي سيڪشن پوليس پهچي مسمات تسليم يوسفزئي زال عبدالحق عرف بندو ۽ سندس نياڻي دعا کي بازياب ڪرائي واقعي جو ڪيس متاثر عورت جي فرياد تي ٽن ڄڻن خلاف داخل ڪيو هو.