حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ڦرلٽ واري ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. جوابدار فضل الرحمان عرف فيضان ۽ وقارالدين عرف وڪي وڪيل معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي. فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج تصور علي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ٻنهي ڄڻن جي ضمانت منظور ڪرڻ بدران سندن ضمانت واري درخواست رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٻڌايو پيو وڃي ته ڊسمبر 2023ع دوران پڃاري پوليس ٻنهي جوابدارن تي ڦر جو ڪيس داخل ڪيو هو. ڪيس ۾ پوليس ڄاڻايو ته جوابدارن اسلحي جي زور تي ايڊووڪيٽ ذوهيب علي خرم کان موبائل فون ۽ 20 هزار رپيا روڪ رقم ڦر ڪئي جيڪا پوليس جوابدارن کان واپس ڪرائي هئي.