حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج ۾ ايس ايس پيز کي بنا اجازت وٺڻ جي ايس ايچ اوز جي بدلين ۽ مقررين کان روڪي ڇڏيو آهي. ڊي آءِ جي طارق رزاق ڌاريجو پاران حيدرآباد، دادو، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، ٺٽو، سجاول، بدين، ٽنڊوالهيار ۽ ڄامشورو جي ايس ايس پيز کي سرڪيولر جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته ٿاڻن تي مقرر ايس ايچ اوز کي وقت کان اڳ هٽائڻ يا تبديل ڪرڻ جي ڪا به تڪڙي ضرورت ناهي، جيڪڏهن ايس ايس پيز کي ايس ايچ اوز خلاف ڪارروائي ڪري کيس بدلي يا هٽائڻو آهي ته هو سندس خلاف الزامن جو ذڪر ڪندي منظوري لاءِ ڊي آءِ جي آفيس کي ليٽر لکن ۽ ڊي آءِ جي جي منظوري کانپوءِ ئي ايس ايچ اوز جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون وڃن. ڊي آءِ جي پاران جاري سرڪيولر جي ڪاپي آءِ جي سنڌ پوليس رينج جي سمورن ايس ايس پيز ۽ ڊي آءِ جي آفيس جي پي ايس توڙي ريڊر ڏانهن به اماڻيون ويون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته رينج جي مختلف ضلعن ۾ ايس ايس پيز پاران پنهنجا نواز پاليسي تحت ايس ايچ اوز مقرر ڪيا پئي ويا جنهن خلاف فرض شناس ايس ايچ اوز پاران ڊي آءِ جي کي شڪايتون ڪيون ويون هيون جنهن جو هن نوٽيس وٺندي باضابطه طور سرڪيولر جاري ڪري ڇڏيو آهي.