حيدرآباد( بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي نيوز ڪئميرا مين ايسو سيئيشن جي چونڊن  ۾ جميل پٺاڻ صدر ۽ عمران راجپوت جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويا آهن.نائب صدر جي عهدي تي نويد قائمخاني،جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي نياز ملاح، خزانچي جي عهدي تي عادل خان ۽ اطلاعات سيڪريٽري جي عهدي تي ذاڪر لغاري کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. گورننگ باڊي جي عهدي جي ميمبر طور نظر سيال، محمد علي رند، علي نواز خاصخيلي، قاضي شڪيل، عامر علي، مشرف حسيني، عباس علي، فهيم لوڌي، حسيب رند ۽ ڪاشف چونڊجي ويا آهن.