حيدرآباد (بيورو رپورٽ) شهر ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر ۾ پابندين باوجود گلشن زيل پاڪ سوسائٽي ۾ هڪ ئي وقت 5 شادين جون تقريبون جاري رهيون ٻڌايو پيو وڃي ته ڄاڻايل تقريبون سوسائٽي جي گرائونڊ ۾ منعقد ٿيون پر انتظاميا انهن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي شهرين موجب انتظاميا هوٽلون، ريسٽورينٽس ۽ مارڪيٽون شام جو 6 وڳي بند ڪرائي رهي آهي پر رات جو ٿيندڙ شادين جي تقريبن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي ڪري، هڪ ئي وقت شهر ۾ ٿيندڙ شادين جي تقريبن بابت ذريعن انڪشاف ڪيو ته ڄاڻايل شادي جا ڪاڄ مبينا پوليس جي ملي ڀڳت سبب ٿيا، معاملو ميڊيا تي نشر ٿيڻ باوجود انتظاميا اگهور ننڊ ستل رهي شهرين مطالبو ڪيو ته رات جو ٿيندڙ شادين ۽ ٻين تقريبن کي به بند ڪرايو وڃي جيئن ڪورونا جي چوٿين لهر کي پکيڙ کان روڪي سگهجي.