حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) حيدرآباد ۾ اليٽ ڪلاس جي ڪلب جيم خانه جي چونڊن ۾ صدر ۽ اعزازي سيڪريٽري جي عهدي تي ڊيموڪريٽڪ پئنل جا اميدوار ڪامياب ٿي ويا آهن جڏهن ته مئنجنگ ڪميٽي جي ميمبر جي عهدي تي به ڊيموڪريٽڪ پئنل جا اميدوار 6 سيٽون ٻهاري ويا. ڊيموڪريٽڪ پئنل پاران صدر جي عهدي تي ڊاڪٽر آغا تاج محمد ڪاميابي ماڻي آهي جنهن 1471 ووٽ کنيا. اعزازي سيڪريٽري جي عهدي تي طارق باجاري 1367 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏهن ته اعزازي خزانچي جي عهدي تي جاويد جوڻيجو پئنل جو اميدوار اسد جوڻيجو 1085 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي. صدر جي عهدي لاءِ جاويد جوڻيجو پئنل جي فرحت ڪمال 884 ووٽ ۽ پروگريسو پئنل جي ڊاڪٽر شمس شيخ کي 351 ووٽ مليا. اعزازي سيڪريٽري جي عهدي لاءِ بيٺل جاويد جوڻيجو پئنل جي شاهد پرويز ميمڻ 709 ۽ پروگريسو پئنل جي ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي 621 ووٽ حاصل ڪيا. اعزازي خزانچي جي عهدي لاءِ ڊيموڪريٽڪ پئنل جي مخدوم مشتاق احمد ميمڻ هڪ هزار 14 ۽ ڊيموڪريٽڪ پئنل جي آصف احمد ميمڻ 582 ووٽ حاصل ڪيا. مئنجنگ ڪاميٽي جي 11 سيٽن مان 6 سيٽون ڊيموڪريٽڪ پئنل جي اميدوارن ٻهاري ورتيون جڏهن ته 5 سيٽن تي جاويد جوڻيجو پئنل جا اميدوار ڪامياب ٿيا. پروگريسو پئنل کي ڪنهن به عهدي جي ڪا به سيٽ ملي نه سگهي. مئنجينگ ڪاميٽي توڙي انتظامي ڪاميٽي جي اميدوارن ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ جاويد جوڻيجو پئنل جي اميدوار عبدالله جان ميمڻ حاصل ڪيا جنهن کي 1521 ووٽ مليا. هو پهريون ڀيرو جيم خانه جي چونڊن ۾ بيٺو ۽ رڪارڊ ووٽ کڻي مئنجنگ ڪميٽي جو ميمبر چونڊجي ويو. جاويد جوڻيجو پئنل جي ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي 1294 ووٽ، فهيم عرساڻي 1170 ووٽ، پير بخش راڄڙ 1075 ووٽ ۽ ڊاڪٽر شاهد جوڻيجو 1019 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي. ڊيموڪريٽڪ پئنل جي عبدالمالڪ يوسفاڻي 1495 ووٽ، فيضان علي شيخ 1454 ووٽ، ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ ميمڻ 1379 ووٽ، ڊاڪٽر سبين قريشي 1115 ووٽ، مالڪ محمد نظاماڻي 1086 ووٽ ۽ انجنيئر امير بخش راهپوٽو 1000 ووٽ کڻي مئنجنگ ڪاميٽي جي سيٽ تي ڪامياب ٿي ويا آهن. چونڊن ۾ مئنجنگ ڪاميٽي جي ميمبر لاءِ غلام مصطفيٰ شاهه 981 ووٽ، محمد سليم ميمڻ 958 ووٽ، انجنيئر سعد خان بلوچ 922 ووٽ، ڊاڪٽر ليلا رام 913 ووٽ، ظهور احمد شيخ 882 ووٽ، محمد بشير 869 ووٽ، سيف الله ميمڻ 848 ووٽ، مسز ثمينا علي 784 ووٽ، نادر نواز پليجو 689 ووٽ، مظهر حسين ميمڻ 647 ووٽ، ڊاڪٽر غلام فاروق ٽالپر 646 ووٽ، محمد سليم جاٽ 613 ووٽ، ذوالفقار علي انصاري 502 ووٽ، ڪاشف قادر شيخ 487 ووٽ، نجيب احمد ميمڻ 479 ووٽ، اڀيمن 451 ووٽ، سمير احمد شيخ 451 ووٽ، خاور اڪبر شيخ 435 ووٽ، محسن محمود خان 417 ووٽ، امانت الله جوڻيجو 391 ووٽ، عبدالله جاٽ 365 ووٽ، ڊاڪٽر يونس اسد شيخ 303 ووٽ، عرفان احمد ميمڻ 269 ووٽ،  اويس سليم شيخ 239 ووٽ ۽ پروفيسر محمود عالم قريشي 167 ووٽ حاصل ڪيا. جيم خانه جون چونڊون گذريل رات دير سائين جاري رهيون ۽ نتيجا به دير سان پڌرا ڪيا ويا. جوڻيجو پئنل هر چونڊ ۾ سدائين سرسي حاصل ڪندو رهيو آهي پر هن ڀيري ڊيموڪريٽڪ پئنل جاويد جوڻيجو پئنل کان اڳيان نڪري ٻن اهم عهدن کانسواءِ مئنجنگ ڪميٽي جون 6 سيٽون به حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي.