حيدرآباد (بيورو رپورٽ) تعليمي بورڊ حيدرآباد پاران ٻارهين ڪلاس جي سمورن گروپن جو امتحان 26 جولاءِ کان ورتو ويندو. بورڊ جي ڪنٽرولر پروفيسر ڊاڪٽر مسرور احمد زئي شيڊول به پڌرو ڪري ڇڏيو آهي. ٻارهين ڪلاس جو امتحان صبح ۽ شام جي شفٽن ۾ ٿيندو جيڪو 31 جولاءِ تائين جاري رهندو. شيڊول مطابق سومر 26 جولاءِ تي پهرين شفٽ ۾ باٽني پيپر ٽو، ميل مئنيجمينٽ اينڊ فوڊ پرزرويشن، پاڪستاني ڪلچر (غير ملڪي شاگردن لاءِ) ۽ لائبريري سائنس (هيومنٽيز گروپ) جو پيپر منعقد ٿيندو جڏهن ته شام جي شفٽ ۾ بڪ ڪيپنگ اينڊ اڪائونٽنسي‏، اڪنامڪس (هيومنٽيز اينڊ سائنس گروپ) جا پيپر ورتا ويندا. امتحاني شيڊول لاڳاپيل ڪاليجن کي به جاري ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف تعليمي بورڊ پاران نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي فيل، گريڊ سڌاريندڙ، اضافي ڪواليفڪيشن جي تبديلي جي اميدوارن لاءِ به امتحان جو شيڊول پڌرو ٿيو آهي. نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي انهن اميدوارن جو اهو امتحان 12 جولاءِ 2021ع کان ورتو ويندو. امتحان ٻن شفٽن ۾ ٿيندو جيڪو 17 جولاءِ 2021ع تائين جاري رهندو. سومر 12 جولاءِ تي پهرين شفٽ ۾ نائين ڪلاس جو اردو، سنڌي، جاگرافي آف پاڪستان (غير ملڪي شاگردن لاءِ) جا پيپر ورتا ويندا جڏهن ته شام جي شفٽ ۾ به 4 پيپر ورتا ويندا. ٻئي ڏينهن تي يعني اڱارو 13 جولاءِ تي صبح جي شفٽ ۾ ڏهين ڪلاس جو انگلش ۽ شام جي شفٽ ۾ اسلاميات ۽ غير مسلم شاگردن لاءِ اخلاقيات جا پيپر ورتا ويندا.