حيدرآباد: ايوان زراعت سنڌ 3 رخي پاڻي ورڇ فارمولي ۽ ارسا پاران جاري پاڻي انگ اکرن کي رد ڪري ڇڏيو

0
557

حيدرآباد: ايوان زراعت سنڌ 3 رخي پاڻي ورڇ فارمولي ۽ ارسا پاران جاري پاڻي انگ اکرن کي رد ڪري ڇڏيو. ايوان زراعت سنڌ جي اڳواڻ ميران محمد شاهه چيو آهي ته ارسا پنجاب واٽر اٿارٽي آهي پنجاب پاڻي چوري جو حساب ڏي. هن چيو ته 1991ع پاڻي ٺاهه مطابق سنڌ کي گڊو بئراج تي هڪ لک 20 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو وڃي، هن وقت 1991ع پاڻي ٺاهه مطابق سنڌ کي گڊو بئراج تي هڪ لک 20 هزار ڪيوسڪ پاڻي ملڻ گهرجي پر اهو گهٽائي صرف51 هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي. سيد ميران محمد شاه چيو ته سنڌ کي 69 هزار ڪيوسڪ پاڻي گهٽ ملڻ سبب ڪوٽڙي بئراج تائين گهربل پاڻي نه پهچڻ سبب سنڌ ۾ هن وقت پاڻي جو شديد بحران پيدا ٿي ويو آهي، ارسا جا پاڻي کوٽ بابت انگ اکر غلط آهن,سنڌ ۾ 24 کان 25 سيڪڙو پاڻي کوٽ کي صرف 4 سيڪڙو ظاهر ڪرڻ سراسر بدديانتي آهي.هن چيو ته 91ع پاڻي ٺاهه مطابق سنڌ کي ساليانو 46.76 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي الاٽ ٿيل آهي پر سنڌ کي رڳو 43 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ملي ٿو. هر سال 5 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گهٽ ملڻ سبب اهو پاڻي به پنجاب استعمال ڪندو رهي ٿو. ارسا سنڌ کي پاڻي تونسا کان ڳڻپ ڪري ڏي ٿو جتان گڊو تائين پهچڻ جي وچ ۾ روزانو 22 هزار ڪيوسڪ پاڻي چوري ٿئي ٿو,1991ع پاڻي معاهدي مطابق سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي گڊو بئراج کان ڳڻپ ڪري ڏنو وڃي.