حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ ترسيل غيرقانوني افغانين کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ واري معاملي تي گهرو کاتي پاران ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد جي تجويز تي افغانين لاءِ گنجو ٽڪر ۾ ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي آهي. جتي هٿ ايندڙ سمورن افغانين کي هولڊنگ پوائنٽ گنجو ٽڪر پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ ترسايو ويندو جنهن جو فوڪل پرسن ڊي سي حيدرآباد طارق قريشي هوندو. گهرو کاتي پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪئمپ جي سيڪيورٽي لاءِ رينجرز ۽ پوليس کي به خط لکيا ويا آهن. ٻئي طرف غير قانوني ترسيل افغانين کي پاڻمرادو پنهنجي ملڪ وڃڻ لاءِ ڏنل مهلت ختم ٿيڻ باوجود حيدرآباد ڊويزن پوليس پاران ڪا به اثرائتي ڪارروائي ناهي ڪئي وئي.