ممبئي(شوبز نيوز) ڪينسر سان جهيڙيندڙ ڀارتي اداڪارا حنا خان مٿي جا وار ڇڻڻ کان اڳ ئي ڪترائي ڇڏيا ڀارتي مشهور اداڪارا حنا خان ڪجهه ڏينهن پهريان ڇاتي جي ڪينسر اسٽيج ٿري ۾ مبتلا ٿي هئي. 36 ورهين جي حنا خان پنهنجي پرستارن ۽ چاهيندڙن کي انهي ڏکوئيندڙ خبر جي حوالي سان انسٽاگرام ذريعي آگاهه ڪيو هو. هاڻي اداڪارا حنا خان پنهنجي انسٽاگرام تي نئين وڊيو شئير ڪئي آهي، جنهن کي ڏسي مداح به روئڻهارڪا ٿي ويا، وڊيو ۾ اداڪارا کي مٿي جا وار ڪترائيندي ڏسي سگهجي ٿو. چيو پيو وڃي ته حنا خان اهو فيصلو ڪيمپيو ٿراپي کان پهريان گهربل قاعدن تحت ڪيو، سندس امڙ ڪينسر سان جهيڙيندڙ ڌيءَ جي اهڙي فيصلي تي جذباتي نظر آئي. حنا خان پنهنجي پوسٽ ۾هڪ ڊگهو ڪيپشن لکيو ته منهنجي امڙ ڪشميري ٻولي ۾ مونکي دعائون ڏئي رهي آهي، مون هار مڃڻ بدران ڪاميابي جي رستي کي چونڊيو آهي.