حضرت حسين عه شهادت قبول ڪئي ظلم اڳيان سر نه جهڪايو: صدر/ وزيراعظم

0
237

ڪراچي(م ڊ) صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان يوم عاشور جي موقعي تي ڪورونا کان بچڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي اپلي ڪئي آهي،
يوم عاشور تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ صدر عارف علوي چيو آهي ته امام حسين عه جي شهادت مسلم امت جي لاءِ عظيم درس ۽ دنيا قائم هجڻ تائين عزم ۽ استقامت جي علامت آهي، هن عوام کي اپيل ڪئي ته اجتماعن ۾ ڪورونا کان بچڻ لاءِ لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪيو،
وزيراعظم عمران پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته امام عالي مقام حضرت حسين عه جي شهادت قبول ڪئي پر ظلم جي اڳيان سر نه جهڪايو، باطل ڪيترو به عروج تي هجي هن کي مِٽڻو ئي هوندو آهي،
وزيراعظم چيو ته الله پاڪ کان دعا آهي ته هو اسان کي حضرت امام حسين عه جي شهادت واري جذبي، ايثار، قرباني ۽ حق پرستي کي پنهنجي اندر تازه ڪرڻ جو توفيق عطا فرماءِ ته جيئين اسان ملڪ ۽ قوم جي سربلندي جي لاءِ تيار رهون.