ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي معروف ٽڪ ٽاڪر اسٽار حريم شاهه جي خلاف لاهور جي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني وئي آهي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته حريم شاهه جي هوائي فائرنگ سان خوف ۽ حراس ڦهلجي ويو، واضح رهي ته ڪجهه وقت اڳ حريم شاهه جي فائرنگ ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي جنهن ۾ حريم شاهه کي فائرنگ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.