اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پاران حج درخواستون اڄ کان 13 مئي تائين وصول ڪيون وينديون، ذريعن موجب  وفاقي حڪومت حج درخواستن سان گڏ 50 رپين جو ٽوڪن مني وصول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، درخواستن تي 50 جي ٽوڪن مني جي فيصلي بعد حج خرچ وڌي ويندو جنهن تحت 7 کان 10 لک رپيا خرچ اچي سگهي ٿو. هن ڀيري حج ڪوٽا ۾ پاڪستان کي 81 هزار 132 جي حج ڪوٽا ملي آهي.