جھول (ن پ ا) جھول ۾ بس اسٽاپ تي گذريل ڏينهن هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل پيرسن داد محمد رند جو ڪيس وارثن جي نه اچڻ سبب اي ايس آءِ محمد صالح پڃارو جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 5 ڄڻن شهمير، راجا، امتياز، شاهه دوست جکراڻي ۽ هڪ عورت مسمات مهناز کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، پوليس موجب پنجن ئي جوابدارن کي ڪارروائي ڪري عبدالله موڙ وٽان گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب واردات ۾ استعمال ٿيل موٽر سائيڪل ۽ پسٽل پڻ هٿ ڪيو ويو آهي، پوليس جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت جوابدارن کي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ياد رهي ته جوابدارن پيرسن داد محمد رند کي بس اسٽاپ تي فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو،