جھول پوليس کي ڪڪڙن کي تحويل ۾ وٺڻ مهانگو پئجي ويو

0
278
جھول پوليس کي

جھول (رپورٽر) جھول ٿاڻي جي پوليس لاءِ ٻه ڪڪڙ  پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ عذاب مهانگو پئجي ويو آهي، ٽي مهينا اڳ جھول پوليس هڪ ڪڪڙن جي ميل تي ڇاپو هنيو هو، جنهن دوران جوابدار فرار ٿي ويا هئا

پوليس ٻن ڪڪڙن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي پراپرٽي طور چالان ڪري ڇڏيو هو، جنهن جو ڪيس ڪورٽ ۾ به هلندڙ آهي، ڪڪڙن جو اڃان تائين مالڪ ظاهر نه ٿيڻ ڪري انهن جي پرورش پوليس ڪري ڪري رهي آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪڪڙن بابت جيڪو ڪورٽ سڳوري حڪم ڪيو ان جي تعميل ڪئي ويندي، في الحال ته ڪير به ڪڪڙن جي مالڪي لاءِ ناهي آيو