جھول (ن پ ا) شر برادري جي مبينا عورت اغوا ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار صحافي مير جمن عرف الطاف ٽالپر سندس دوست سينيئر صحافي غلام قادر ملوڪاڻي عدالت مان حاضري  تان اچي رهيا هئا ته گھنڊڻ بس اسٽاپ وٽ 10 کان وڌيڪ نامعلوم جوابدارن لٺين ۽ ڪھاڙين سان حملو ڪري کين رتو رت ڪري ڇڏيو، زخمين کي سانگهڙ اسپتال نيو ويو. ان ڏس ۾ حملي خلاف صحافين احتجاج ڪندي ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.