جهنڊومري (ن پ ا) جھنڊي مري ۾ کسجي ويل پوٽيءَ جي جدائي ۾ ڏاڏي فوت ٿي وئي. ان ڏس ۾ عمرساند ٿاڻي جي حد شهر عثمان شاھ ھڙي ۾ ڪجھ ڏينهن پهرين عمرساند ٿاڻي تي 12 سالن جي سونهن بهراڻي کي سندس امڙ جي درخواست بعد اڳوڻي ايس ايچ او لطيف ميمڻ سندس ڏاڏي عادو بهراڻي کي گهرائي زبردستي نينگري ماءُ حوالي ڪئي وئي هئي. جنهن بعد نينگريءَ جي ڏاڏي پاران ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کي پڻ درخواست ڏني وئي پر 5 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس نينگري کي سندس ڏاڏاڻن حوالي نه ڪيو، جنهن بعد نينگريءَ جي ڏاڏيءَ مسمات رحيما جي طبيعت خراب ٿي وئي جيڪا صدمي سبب ڪالهه فوت ٿي وئي آهي. هوڏانهن نينگري جي ڏاڏي عادو بهراڻي جو چوڻ آهي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي.