پشاور(م ڊ) جي يو آءِ کانپوءِ عوامي نيشنل پارٽي به ملڪ ۾ نئين چونڊن جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پنهنجي بيان ۾ اي اين پي جي سيڪريٽري جنرل ميان افتخار چيو ته سڀ سياسي پارٽيون متفق آهن ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي، ملڪ ۾ نيون چونڊون ڪرايون وڃن. اليڪشن ڪميشن ناڪام آهي، اسٽبلشمينٽ اليڪشن ۾ مداخلت ڪئي نتيجا هٿرادو ٺاهيا ويا، اي اين پي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته چونڊ نتيجا ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن، چونڊن ۾ اسٽبلشمينٽ جي مداخلت خلاف پنهنجي تحريڪ کي اڳتي وڌائينداسين.