جيڪو جوان نه ڪري سگھيا، اهو پوڙهن ڪري ڏيکاريو: پاڪستان ليجنڊز جي آسٽريليا کي شڪست

0
19
جيڪو جوان نه ڪري سگھيا، اهو پوڙهن ڪري ڏيکاريو: پاڪستان ليجنڊز جي آسٽريليا کي شڪست
جيڪو جوان نه ڪري سگھيا، اهو پوڙهن ڪري ڏيکاريو: پاڪستان ليجنڊز جي آسٽريليا کي شڪست

برمنگهم (اسپورٽس ڊيسڪ) چيمپيئنز آف ليجنڊز ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻن ڪرڪيٽرن اهو ڪري ڏيکاريو جيڪو نوجوان ڪرڪيٽر به ڪري نه سگھيا

ٽورنامينٽ جي هڪ ميچ ۾ پاڪستان ليجنڊز جي ٽيم، آسٽريليا کي پنج وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو. برمنگهم ۾ کيڏيل ميچ ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 20 اوورن ۾ ست وڪيٽن جي نقصان تي 189 رنز اسڪور ڪيون

آسٽريليا طرفان ايرون فنچ 68، بين ڊنڪ 27 ۽ فرگوسن 26 رنسون ٺاهي ٺاهي سگهيا. پاڪستان چيمپيئنز گهربل هدف 20 هين اوور ۾ حاصل ڪيو، ڪپتان يونس خان 63، شعيب ملڪ 23 ۽ صهيب مقصود 21 ٺاهيون. آسٽريليا خلاف شاندار بيٽنگ تي يونس خان کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو