جيڪب آباد ۾ پيپلزپارٽي کي سياسي جهٽڪو، ممتاز جکراڻي محمد ميان سومرو جي پينل ۾ شامل

0
49

جيڪب آباد ۾ پيپلزپارٽي کي سياسي جهٽڪو لڳو آهي، اعجاز جکراڻي جو سئوٽ ممتاز جکراڻي محمد ميان سومرو جي پينل ۾ شامل ٿي ويو

اڳوڻو وفاقي وزير محمد ميان سومرو اڳوڻي ايم پي اي ممتاز جکراڻي جي رهائشگاهه تي پهتو

محمد ميان سومرو ممتاز جکراڻي سان سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي ۽ پنهنجي پينل ۾ شموليت جي دعوت ڏني

ممتاز جکراڻي آڇ قبوليندي چيو ته محمد ميان سومرو جي پينل ۾ باضابطا طور شامل ٿيو آهيان

هن چيو ته ضلعي جي هڪ قومي ۽ ٽن صوبائي تڪن تي گڏجي اليڪشن وڙهنداسين

محمد ميان سومرو چيو ته اڄ ممتاز جکراڻي شامل ٿيو آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ سرپرائيز ڏينداسين