جيڪب آباد ۾ پوليس جي مبينا تشدد ۾ نوجوان فوت، ڌرڻو، ايس ايچ او سميت 4 اهلڪار معطل

0
16

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي سول لائن ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ پوليس هيڊ ڪوارٽر جو رھواسي نوجوان عمران ڪٽو مبينا پوليس تشدد ۾ فوت ٿي ويو، پوليس نوجوان جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو، اطلاع تي وارث به پهتا، پوليس موجب ته نوجوان جو لاش سرڪٽ هائوس ڀرسان مليو آهي، کڻائي اسپتال منتقل ڪيو

پوليس اهلڪار اشفاق ڪٽو پوليس اهلڪارن تي ڀاءُ کي تشدد ڪري قتل ڪرڻ جا الزام لڳائي نوجوان جو مڙهه کڻي قومي شاهراهه تي شهيد الهه بخش سومرو پارڪ وٽ رکي ڌرڻو هنيو، گاڏين جون قطارون لڳي ويون. اهڙي اطلاع تي ايس ايس پي جيڪب آباد سليم شاهه ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ يقين ڏياريو ته نوجوان عمران علي تي تشدد ڪرڻ ۾ جيڪي به پوليس اهلڪار ملوث نڪتا ته انهن کي به بخش نه ڪيو ويندو

وارثن جي مرضي مطابق ڪيس داخل ڪري ملوث اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويندو اهڙي يقين ڌياني بعد فوتي جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو نوجوان جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو

نوجوان کي گرفتار نه ڪيو هو، شفاف جاچ ڪرائي وڃي: ايس ايچ او

جيڪب آباد: الزام هيٺ آيل ايس ايچ او سول لائن مشتاق ڀنگوار پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس ھيڊ ڪوارٽر جي رهائشي ڪٽا برادري جي ماڻهن ۾ ڪالهه رات جهيڙو ٿيو هو ٻنهي ڌرين جا ماڻھو هجوم ڪري ٿاڻي تي پهتا انهن ۾ ڪجهه ماڻهو شراب پيتل هئا جيڪي هل هنگامو ڪري رهيا هئا انهن جو اين سي داخل ڪري اتان روانو ڪيو ڪنهن کي به گرفتار نه ڪيو هو نوجوان عمران علي ڪٽو جي لاڪ اپ ۾ پوليس تشدد ۾ فوت ٿيڻ وارا الزام ڪوڙا آهن اڻڌري جاچ ڪرائي وڃي

ڀاءُ جو مائٽن سان جهيڙو ٿيو، کيس پاڻ پوليس حوالي ڪيو هو: ڀاءُ

جيڪب آباد: فوتي عمران علي ڪٽو جي ڀاءُ پوليس اهلڪار اشفاق ڪٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڀاءُ عمران علي ڪٽو جو پنهنجي مائٽن علي ڏنو ڪٽو جي ڌر سان ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو هو انهن اين سي داخل ڪرائي جنهن کانپوءِ ڀاءُ کي هٿن سان سول لائن ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪرايو هو صبح جو پوليس اطلاع ڪيو ته ڀاءُ جو سرڪٽ هائوس ڀرسان لاش مليو آهي هن چيو ته پوليس اهلڪارن ڀاءُ کي تشدد ڪري ماريو آهي

ٽنڊي آدم ۾ مبينا مقابلو: جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار، 2 فرار

ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ۾ سٽي پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، پوليس موجب گشت دوران سيٽلائيٽ ٽائون وٽ 3 هٿياربندن سان مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ هڪ جوابدار گلزار ٻرڙو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان هڪ ٽي ٽي پسٽل ۽ 2 گوليون هٿ ڪيون ويون، جڏهن ته جوابدار جا 2 ساٿي غلام نبي هڪڙو ۽ مظهر عرف مزار هڪڙو فرار ٿي ويا، پوليس موجب گرفتار جوابدار ڌاڙن، ڦرن، پوليس مقابلن ۽ غيرقانوني هٿيار رکڻ سميت ٻين ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل آهي، زخمي جوابدار کي تعلقي اسپتال آڻي طبي امداد ڏني وئي

واقعي جو ڪيس هڪ شهري، ايس ايچ او ۽ اهلڪارن تي داخل

جيڪب آباد: پوليس حراست دوران فوت ٿيل نوجوان عمران علي ڪٽو جي قتل جو ڪيس ايس ايچ او سول لائن مشتاق ڀنگوار، وڏو منشي اشفاق جکراڻي، نائيٽ انچارج مظفر چنو، سنتري غلام حسين ٽالاڻي، فوتي نوجوان عمران علي کي گرفتار ڪرائيندڙ خانگي ماڻهو علي ڏنو ڪٽو سراج ڪٽو خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ڪيس ۾ فوتي جي ڀاءُ اشفاق علي موقف اختيار ڪيو ته ڀاءُ کي مائٽ علي ڏنو ڪٽو گرفتار ڪرايو پوءِ ايس ايچ او سميت اهلڪارن سان گڏجي هم صلاح ٿي لاڪ اپ ۾ تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي ڀاءُ عمران علي جي جسم تي تشدد جا نشان به هئا جڏهن ته داخل ڪيل ڪيس ۾ قتل جا به قلم شامل ڪيا ويا آهن.

ايس ايس پي ڊي ايس پي صدر جي سربراهي ۾ جاچ لاءِ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي

جيڪب آباد: ايس ايس پي جيڪب آباد سليم شاهه نوجوان عمران علي ڪٽو تي مبينا پوليس تشدد واري واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي ايس ايس پي پاران ڊي ايس پي صدر سلطان چانڊيو جي سربراهي ۾ 3 رڪني جي آءِ ٽي جوڙي وئي جنهن ۾ ڊي ايس پي سٽي گل حسن ٿيٻو ۽ ڊي ايس پي هيڊ ڪوارٽر شاهه زمان ڀنگر کي ميمبر طور مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو نوجوان عمران علي ڪٽو جي پوليس تشدد ۾ فوت ٿيڻ واري معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ ايس ايس پي کي پيش ڪندي.

ايس ايچ او سول لائين سميت 4 اهلڪارن کي ڪوارٽر گهاٽ ڪرايو ويو

جيڪب آباد: ايس ايس پي سليم شاهه نوجوان عمران علي ڪٽو جي پوليس تشدد ۾ فوت ٿيڻ واري معاملي کان پوءِ ايس ايچ او سول لائن مشتاق ڀنگوار وڏو منشي اشفاق جکراڻي، نائيٽ انچارج مظفر چنو ۽ سنتري غلام حسين ٽالاڻي کي معطل ڪندي ڪوارٽر گارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي جڏهن ته ايس ايچ او سميت اهلڪارن جي ڪوارٽر گارڊ ڪرڻ جي اطلاع تي صحافي ڪوريج لاءِ پهتا ته ڪوارٽر گارڊ سيل جي ٻاهران ڊيوٽي تي موجود اهلڪارن ڪوريج ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي