جيڪب آباد (رپورٽ : عبدالغني کوسو) جيڪب آباد ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني، مغوي زميندار بهرام کوسو سميت 11 مغوين نينگر نويد لاشاري، احسان ويسر، نينگري فضيلا سرڪي، ٻن نينگر سئوٽن عبدالقدير بنگلاڻي، نادر بنگلاڻي، محسن کوسو، اڪبر کوسو، بصر جمالي، حافظ الطاف کوسو، احسان کوسو جي بازيابي لاءِ کوسا برادري جي سڏ تي مختلف تنظيمن پ پ شهيد ڀٽو، ايس يو پي، فنڪشنل ليگ، ايس ٽي پي، جسقم، مجلس وحدت المسلمين، جي يو آءِ، جماعت اسلامي، شهري اتحاد پاران سنڌ بلوچستان ۽ پنجاب کي ملائيندڙ قومي شاهراهه تي زيرو پوائنٽ وٽ شاميانا لڳائي ڌرڻو هنيو ويو، گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي سردار سخي عبدالرزاق کوسو، پ پ ضلع جيڪب آباد جي چيئرمين طاهر کوسو، پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ نديم قريشي، ايس ٽي پي اڳواڻ ستار جاگيراڻي، دلمراد ڏاهاڻي، ايس يو پي اڳواڻ مقبول لاشاري، مغوي بهرام کوسو جي عزيز مقدم محبت کوسو، احمد علي کوسو، لياقت کوسو جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن جي عوام کي زرداري ليگ ڏوهارين کي ٺيڪي تي ڏئي ڇڏيو آهي، جيڪب آباد، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ سرڪار جي رٽ ختم ٿي چڪي آهي، سڄي سنڌ ۾ ڏوهي وارداتن جو ذميوار پيپلزپارٽي آهي،  مظاهرين لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزنن ۾ ڏوهارين خلاف ملٽري آپريشن جي گهر ڪئي، 6 ڪلاڪ کان پوءِ ايس ايس پي سليم شاهه ڌرڻي واري هنڌ پهچي مغوي زميندار بهرام خان کوسو جي مائٽن مير کوسو، لياقت کوسو، مقدم محبت خان کوسو سميت ٻين کان ٽن ڏينهن جي مهلت گهري. ان موقعي تي ايس ايس پي سليم شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مغوي بهرام کوسو، نينگر نويد لاشاري، ٻن معصوم سئوٽن عبدالقدير بنگلاڻي ۽ نادر بنگلاڻي تائين پهتا آهيون، ٽي ڏينهن جي مهلت ڏيو. کانپوءِ مظاهرين ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.