جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد ۾ عورتن جي ڊان گولو ظاهر، ڪميٽيز ۽ ڪاروبار جي نالي تي پئسا ٻيڻا ڪري ڏيڻ بهاني ڪيترين ئي عورتن توڙي مردن کي ٺڳي وئي، عورت سميت گهروارن خلاف ٻن ٿاڻن تي 2 ڌار ڌار ڪيس داخل، 3 ڪروڙ کان مٿي جي رقم ڦٻائڻ جو الزام، خبر موجب شهر جي دستگير ڪالوني واسڻ ثنا اقبال مغل شهر جي مختلف عورتن سميت مردن کي ٺڳي وئي آهي، الزام هيٺ آيل عورت ثنا اقبال پاران ڪميٽيز رکڻ ۽ ڪاروبار ۾ منافعو ٻيڻو ڪري ڏيڻ جي نالي تي جيڪب آباد واسين عاصمه پرويز، هندو عورت سرلاونتي، مسمات شڪيلا، مسمات عظيمه، مسمات سبين، خير محمد ۽ غلام ياسين کي ڪروڙين روپين جو چونو هڻي وئي، سٽي ٿاڻي تي عاصمه پرويز پاران ٺڳيندڙ عورت ثنا اقبال، سندس پيءُ سليم اقبال، امڙ شميم ۽ ڀاءُ جاويد اقبال خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، ڪيس ۾ فريادڻ موقف اختيار ڪيو ته ثنا اقبال ڪميٽيز رکڻ ۽ ڪاروبار ۾ پئسا ٻيڻا ڪرڻ ڏيڻ جي نالي تي منهنجي معرفت خير محمد ۽ غلام ياسين پٺاڻ سميت ٻين کان هڪ ڪروڙ کان مٿي رقم ڦٻائي وئي آهي، هاڻي اسان کي چپ ڪرائڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، جڏهن ته سول لائن ٿاڻي تي ثنا اقبال سميت 6 ڄڻن خلاف هندو عورت سرلاونتي ڪيس داخل ڪرايو آهي، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته ثنا اقبال منهنجي گهر سلائي ڪڙهائي جو ڪم سکڻ ايندي هئي، جتي هن مون کي چيو ته آئون ڪميٽي رکندي آهيان ۽ منهنجو پيءُ گاڏين جو ڪاروبار ڪندو آهي، اوھان سيڙپڪاري ڪيو، فائدو ٿيندو پوءِ مون پنهنجي معرفت سڃاڻپ وارين عورتن مسمات سبين، مسمات شڪيلا، مسمات عظيمه سميت 13 هندو ۽ مسلمان عورتن کي ميمبر بڻائي 72 لک ۽ 7 ٻين ميمبرن کان 70 لک وٺي ڏنا، جيڪي هوءُ ڦٻائي وئي، ڪراچي ۾ ڏيکاريل پلاٽ جي جاچ ڪرايم ته اهو پلاٽ به ٻين جو نڪتو، جنهن لاءِ پاڙي وارن مون کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو، 30 مئي 2023 تي آئون خير محمد ۽ غلام ياسين پٺاڻ سان گڏجي دستگير ڪالوني ثنا اقبال جي گهر ٻاهران پهتيس ته ثنا پنهنجي پيءُ سليم، امڙ شميم، ڀاءُ جاويد ۽ ٻن اڻڄاتل سان گڏجي حملو ڪيو ته اوھان اسان جي پاڙي ۾ بدنامي ڪرائڻ لاءِ آيا آهيو، اڻ ڄاتل ماڻهن اسان مٿان سڌا فائر ڪيا، اسان معجزاڻي طور محفوظ رهياسين، پوليس ٺڳيندڙ عورت ثنا اقبال سميت ٻين کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، جڏهن ته شهر ۾ چوٻول آهن ته عورتن جي ڊان گولو ثنا اقبال پئسا ٻيڻا ڪرڻ جي نالي تي جيڪب آباد شهر ۾ عورتن سميت مردن کي 30 ڪروڙ کان مٿي جو چونو هڻي وئي آهي.