جيڪب آباد/ڪشمور (نمائندن وٽان) جيڪب آباد ۽ ڪشمور ۾ قومپرست تنظيمن جا ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن پارٽيون ڇڏي قومي ڌارا ۾ شامل ٿي ويا آهن. جيڪب آباد ۾ جسقم جي لطيف ٻارڙا سنگت جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ جسقم جي 25 ڪارڪنن جسقم ڇڏي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي، اهڙو اعلان ڪندڙن ۾ جبار ٻرڙو، رئيس جمالي، نثار سميجو، اورنگزيب ٻرڙو، ساجد ڪلوڙ، راجا ميراڻي، بابل سيال، زبير سومرو ۽ ٻيا شامل آهن. هوڏانهن ڪشمور ۾ مختلف قومپرست تنظيمن سان تعلق رکندڙ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو، قومي ڌارا ۾ شامل ٿيندڙن ۾ جاويد اقبال چنا، عبدالستار مزاري، عامر ملڪ، عزيز ٿهيم، حبيب ملڪ، ياسين کوسو، ممتاز چاچڙ، سبز علي سبزوئي، بالاچ دشتي، پرويز سومرو ۽ ٻيا شامل آهن. ڪارڪنن جو چوڻ هو ته اسان ڀليل هئاسين، رياست خلاف ڪم ڪندڙ قوم پرست تنظيمن ۾ ڪارڪن طور ڪم ڪري وڏي غلطي ڪئي.