جيڪب آباد کان ڪشمور ريلوي ٽريڪ 5 سال کان بند، عوام سستي سفري سهولت کان محروم

0
11
جيڪب آباد کان ڪشمور ريلوي ٽريڪ 5 سال کان بند، عوام سستي سفري سهولت کان محروم
جيڪب آباد کان ڪشمور ريلوي ٽريڪ 5 سال کان بند، عوام سستي سفري سهولت کان محروم

جيڪب آباد(رپورٽر) پاڪستان ريلوي جي لاپرواهي سبب جيڪب آباد کان ڪشمور ريلوي ٽريڪ ڪورونا وبا سبب پنج سال کان بند آهي، ٺل، ڪنڌڪوٽ، بخشاپور، ڪوٽ مٺڻ، ڪوٽ ادو، ڊيرا غازي خان سميت ٻين علائقن جا ماڻھو ريل جي سفري سهولت کان محروم آهن جڏهن ته لاڙڪاڻو ٽريڪ بند ٿيڻ سبب مولاداد، ڳڙهي خيرو، سنجر چانگ، چاچڙ، بلوچستان جي علائقي اوستا محمد، قمبر شهدادڪوٽ جا رهواسي به رعايتي سفر کان محروم آهن

لاڙڪاڻي ڏانهن ويندڙ ٽريڪ ڪافي عرصي کان بند ٿيڻ سبب اڻڄاتل چورن مختلف هنڌن کان ٽريڪ مان پٽڙيون پٽي چوري به ڪري ويا آهن ۽ ٽريڪ پٽجي وڃڻ کانپوءِ مقامي ماڻهن اتي گهر تعمير ڪري ڇڏيا آهن.  ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ته سالن کان بند پيل ٽريڪ تي ملازم مقرر ٿيل آهن جنهن ۾ گينگ مين ۽ چوڪيدار بنا ڊيوٽي جي پگهارون کڻي رهيا آهن

ان سلسلي ۾ جيڪب آباد جي اسٽيشن ماسٽر نظام الدين ڊومڪي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪشمور ٽريڪ ڪورونا وبا کان ۽ لاڙڪاڻي ويندڙ ٽريڪ منهنجي ڀرتي کان اڳ جو بند پيل آهي منهنجي ڀرتي 2007 ۾ ٿي اها ٽريڪ ان کان اڳ جي غيرفعال بڻيل آهي

هن چيو ته ريلوي ٽريڪ جي جاچ پڙتال لاءِ هڪ سئو کان وڌيڪ جو عملو مقرر ٿيل آهي ٽريڪ جي بحالي لاءِ اعليٰ اختياريون ئي ڪجهه ڪري سگهن ٿيون حالانڪه منهنجو گهر به بخشاپور ۾ آهي ريل گاڏي نه هئڻ سبب مان به آسان سفر لاءِ پريشان رهندو آهيان