جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد باءِ پاس ڀرسان جاگير ويندڙ روڊ تي مبينا پوليس مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري نوڪر حسين گلواڻي مارجي ويو، پوليس ٻه ڏينهن اڳ شهيد ٿيل اهلڪار شاهنواز ککراڻي واقعي ۾ ملوث جوابدار نوڪر گلواڻي کي پلاند ۾ مارڻ ۽ ڪلاشنڪوف هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ڏوهاري جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڊي ايس پي صدر سلطان چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صدر ۽ سي آءِ اي پوليس جو 4 موٽرسائيڪل تي سوار 8 ڏوهارين سان مقابلو ٿيو، جنهن ۾ هڪ ڏوهاري نوڪر گلواڻي مارجي ويو، مارجي ويل ڏوهاري 2 ڏينهن اڳ شهيد اهلڪار شاهنواز ککراڻي جي قتل ۾ ملوث هو  پنهنجي شهيد اهلڪار جو پلاند ڪيو آهي. مارجي ويل ڏوهاري کان ڪلاشنڪوف ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪيو ويو آهي هن چيو ته نوڪر گلواڻي ڪجهه ڏينهن اڳ باءِ پاس تي ڦر دوران مزاحمت تي خانپور واسي نوجوان ڌڻي بخش بروهي کي زخمي ڪيو  هو جيڪو پاڻ به پنهنجي ساٿي جي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيو پوليس موجب ته مارجي ويل ڏوهاري جا 7 ساٿي فرار ٿي ويا آهن ٻين ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن جلد انهن کي به گرفتار ڪيو ويندو.