جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ عيد جي ڏينهن مولاداد ٿاڻي جي حد ۾ اڻڄاتل ڦورن شهري ظهير احمد کان موٽرسائيڪل ڦر ڪئي ته اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ويو پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿي پيو نتيجي ۾ هڪ جوابدار ڏيول چانڊيو ٿڏي تي مارجي ويو جڏهن ته هڪ ڏوهاري عبدالله چانڊيو زخمي ٿي پيو جنهن کي سول اسپتال آندو ويو جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو ته رستي ۾ هن دم ڏنو پوليس ٻنهي ڏوهارين جا لاش وارثن حوالي ڪيا مولاداد ٿاڻي تي پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو مولاداد پوليس جو چوڻ آهي ته ڦر واقعي دوران ڏوهارين سان مقابلو ٿيو ٻه ڏوهاري مارجي ويا آهن ٻيا ساٿي فرار ٿي ويا مارجي ويل ڏوهارين کان 2 پسٽل هٿ ڪيا ويا آهن جڏهن ته مارجي ويل جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي ماڻهن کي ڀيا برادري جي ماڻهن قتل ڪيو پوليس مقابلي جي دعويٰ ڪوڙي آهي، هنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اڻ ڌري جاچ ڪرائي وڃي.