جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ 2 ڏينھن اڳ وحشي مڙس ھٿان کٽ جا پاوا هڻي بيدرديءَ سان قتل ٿيل 4 ٻارن جي ماءُ حميده سولنگي جو ڪيس مقتولا جي امڙ مسمات سوڍي جي فرياد تي جوابدار جاويد بروهي خلاف داخل ڪيو ويو آهي، فريادڻ موقف اختيار ڪيو آهي ته جوابدار جاويد بروهي ڪم ڪرڻ جي ڳالهه تان مڇرجي رات جو اڍائي وڳي ڌيءَ تي سخت تشدد ڪري کيس مرڻينگ ڪري ڇڏيو، جنھن کي سول اسپتال آندو ويو ته ھوءَ فوت ٿي وئي، پوليس موجب جوابدار تي 302 جو ڪيس داخل ڪيو ويو، اڄ کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.