جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جا 2 پوليس جمعدار اسمگلنگ ۽ غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث نڪتا، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ٻنهي پوليس جمعدارن کي معطل ڪري بي ڪمپني ڪلوز ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب اسمگلنگ، فرضن ۾ غفلت ڪرڻ ۽ ٻين غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث هئڻ تي جيڪب آباد ضلعي جي شنبي شاهه چيڪ پوسٽ تي مقرر 2 پوليس جمعدارن پيرل خان ۽ ڪالاتي خان ٽالاڻي کي معطل ڪري بي ڪمپني ۾ ڪلوز ڪرڻ ڇڏيو.