لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) جيڪب آباد ڀرسان مولا داد ٿاڻي جي حد مندراڻي شاخ  وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري بلوچستان جي ڳوٺ محمد نواز رند واسي انصار پٽ منظور بليدي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، پوليس زخمي نوجوان کي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال پهچايو. ان موقعي تي زخمي انصار بليدي ٻڌايو ته دوست خادم سان گڏجي ان جي ساهرن ڏانهن وڃي رهيو هيس ته رستي ۾ اڻ سڃاتل هٿياربند گوليون هڻي ويا. پوليس موجب نوجوان جي شروعاتي بيان موجب هو پنهنجي دوست سان گڏجي ان جي ساهرن ڏانهن وڃي رهيو هو تنهن ڪري سندس دوست کي به حراست ۾ وٺي جاچ ڪئي ويندي.