جوڪ در جوق … عوام جي عدم دلچسپي

0
47
جوڪ در جوق ... عوام جي عدم دلچسپي

 وڏي وِٿي کان پوءِ لکڻ لاءِ ميدان تي لٿو آهيان. ائين ناهي ته مري ويو هئس، گهر ويٺي ۽ ليٽي کَٽون ٿي ڀڳم. بيمار به نه هئس، هاڻي به چاڪ چڱو ڀلو ۽ ھٽو گهٽو آهيان. نه حج تي ويو هئس، نه عمري تي. جوڪ در جوق ڪمري ۾ امڙ پڪيون مانيون ٿي کاڌم ۽ مٺڙيون ننڊون پئي ڪيم ۽ پُسيل ڪڪڙ جهڙيون پِڻڪيون پئي ڪُٽيم. نه ايم فل يا پي ايڇ ڊي پئي ڪيم، نه ٻين معاملن ۾ مصروف هئس. فارغ صفا فري، مکيون به نٿي ماريم. اهڙو واندو جهڙو وڏيرو! هٿ به ڪونه ڀڳو هو، دل ڀڄي پئي هئي. مٿين صاحبن دل شڪستو ڪري ڇڏيو هو. چوڻ وارن چيو: “اڙي او مفت خورا، وائڙا ۽ بي ڊولا ليکڪ! هي ڇا لکيو اٿئي؟ هي نه لِک، هو به نه لِک، هِن موضوع تي نه لِک، هُن معاملي تي به نه! توکي ڀوتارن جون ڀلايون، ڪامورن جا چڱا ڪم ۽ حڪمرانن جون ملڪ جي خلق تي مهربانيون ۽ ڪرم نوازيون نظر ئي نه ٿيون اچن!”…….. سو ڪاغذ ۽ قلم ڪَٻٽ ۾ قيد ڪري رکيم. عوام جي ملڪي معاملن ۾ عدم دلچسپي جيان منهنجي پڻ لکڻ ۾ دلچسپي نه رهي. اڄ به هي ليک موڳي مغز، ڀڳل دل ۽ ٿڪل آڱرين سان اميد ۽ نا اميدي جي وچ واري ڪيفيت ۾ پيو لکان. حڪومت ۽ عوام جي به ڪجهه اهڙي ئي حالت آهي.

حڪومت اندرئين ٻاهرئين دٻاءُ جي ڪري مٿي تي هٿ رکيو پريشان ويٺل ٿي ڏسجي. جي حڪومت کي به مٿو ٿيندو آهي ته پوءِ دماغ جاءِ تي ڇو نٿي رکي؟ ڀڀڪيون ته بائڊن بهادر هنيون، حڪومت نا خدائن جون ڪسرون ماڻهن مان ڇا لاءِ ٿي ڪڍي؟ هڪ پاسي سرڪار سڳوري کي لالن پٺاڻن پريشان ڪيو آهي، روز نوان انگل، نوان دنگل. ٻئي پاسي اپوزيشن به آهي ته عقلمند، پر لڳي ٿو ته سندس شعور، گاهه چرڻ ويو آهي، مٿو ئي ڦري ويو اٿس. روزانو حڪومت عوام مٿان مهانگائي جا ميزائيل ٿي وسائي، پيٽرول پنج روپيا لاهي وري پندرنهن روپيا وڌائي ٿي ڇڏي. ماڻهن جو مٿو به ڦيرائي ڇڏيو اٿائون، ڄڻ عوام جيجل ماءُ جي جهان ۾ نه پر جنجالپورا ۾ پيو رهي! گنڊاپور جي غضب ۽ مولانا جي داٻن به سرڪار کي جدا جهنجهٽ ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ڳالهه ته صحيح آهي، لالا علي امين جهڙو وڏو وزير ۽ فضل بابا جهڙو اصول پسند ليڊر نه اڳي ڏٺو سين، نه ٻڌو سين. هڪڙي مرڪزي حڪومت کي حيران ته ٻئي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. علي امين جي همت ۽ مولانا جي حوصلي کي سلام! هڪڙو مرڪز جي من مستين تي ماٺ نٿو ڪري ته ٻيو جيڪو اڳي ڪاميٽي جي چيئرميني تي به چُپ رهندو هو، سو اهو هن ڀيري بلوچستان جي گورنري ۽ اسلام آباد جي ٻن وزارتن کي به ٿُڏي ٿو ڇڏي! سرڪار جي آڇ اٿس ته پي ٽي آئي جو ساٿ ڇڏ.

اٽي، لٽي ۽ اجهي جو نعرو هڻي ان تي عمل ڪندڙ مرد مجاهد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڄاٽو، ڏھٽو ۽ ڏھٽي وفاقي سرڪار سان سمجهوتو ڪري حصيدار بڻيا ويٺا آهن، تِن به ماڻهن کي مايوس ڪيو آهي، بجلي جي لوڊشيڊنگ، مهانگائي، ملازمن جي پگهارن، پينشن ۾ واڌ، متوازن بجيٽ، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ امن امان بحال ڪرڻ جي سلسلي ۾ حڪومت تي دٻاءُ گهٽ ٿا وجهن، رهندو ليگي سرڪار سان جوڪ در جوق هر مسئلي تي سهمت آهن. سنڌ جو سرڪاري سرواڻ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه هر دفعي ساڳي عهدي تي براجمان ٿيڻ باوجود ماڻهن جي من جون مرادون پوري طرح اڃان تائين پوريون ناهي ڪري سگهيو. تسليم ٿا ڪريون ته سائين سنڌ ۾ ڪيترائي تعميري ۽ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. پنجاب ۾ ڏسو مائي صاحبا چيف منسٽر آهي، شاگردن کي ويهه هزار موٽر سائيڪلون ڏيڻ لاءِ خريد به ڪري ڇڏيون اٿائين……. اوهان کڻي پنهنجي وزيرِ تعليم سائين سردار علي شاهه کي چئو ته گهٽ ۾ گهٽ ڏهه هزار سائيڪلون ئي شاگردن کي وٺي ڏي. ياد رهي ته وڏي منصب تي فائز ٿيڻ جا موقعا هر ڪنهن کي هر ڀيري ناهن ملندا. سائين جن کي گذارش آهي ته سنڌ جي دارالحڪومت ڪراچي ۾ ٿيندڙ اسٽريٽ ڪرائيم کي ختم ڪرڻ ۽ شهرين جي جان ۽ مال کي تحفظ ڏيڻ لاءِ قدم کڻي. سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر کي ختم ۽ صحافين کي قتل ڪرڻ جهڙن ظلمن جو انت آندو وڃي. انڊس هائي وي کي نيشنل هائي وي جهڙي ترقي ۽ رونق وٺرائي وڃي، ته ڄامشوري کان جيڪب آباد تائين عوام کي آسان سفري سهولت ملي سگهندي. دادو ضلعي جي گورک ھل اسٽيشن کي گهٽ ۾ گهٽ بلوچستان جي وادي زيارت جهڙو بڻايو وڃي ته جيئن سنڌ جي سياحن کي ڪوهه مري وڃڻ جا ڪشالا نه ڪڍڻا پون.

جيڪڏهن اظهارِ راءِ تي وڌل اڻ اعلانيل پابندين کي ختم ڪيو وڃي، ته عوام جي عدم دلچسپي ختم ٿي سگهندي ۽ عوام جوڪ در جوق اليڪشن واري عمل ۾ ڀرپور حصو وٺي پنهنجا حقيقي نمائندا چونڊي اسيمبلين ۾ موڪليندو. صحافي سڀني حڪمرانن ۽ اهلڪارن جي تعريف ۽ انهن تي تنقيد آزادي ۽ آساني سان ڪري سگهندا، جنهن سان رياست، سياست، سرڪار ۽ سماج ۾ اصلاح ۽ احوال جا نوان نڪورا ۽ ڪمائتا رستا نڪري سگهندا ۽ سماجي سڌاري، ترقياتي واڌاري، حڪومتي درستگي، عوامي شعور ۾ اضافي ۽ جمهوريت جي مضبوطي ۾ زبردست مدد ملي سگهندي.