جوهي(رپورٽ:ايم بي ٻٻر) جوهي ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو حل نه ٿيڻ تي عدالت پاران پبلڪ هيلٿ جي ڪامورن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي. عدالت پبلڪ هيلٿ انجنيئر اڄ طلب ڪندي چيو آهي ته پيئڻ جو پاڻي شهرين جو بنيادي حق آهي، سيپڪو ايس ڊي او واٽرسپلاءِ اسڪيم کي بجلي ۽ پبلڪ هيلٿ وارا جوهي واسين کي پاڻي هر صورت ۾ فراهم ڪيو، ٻي صورت ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئر ۽ سيپڪو اختيارين تي ڪيس داخل ڪرڻ سان گڏ گهر ڀيڙو ڪيو ويندو. ٻڌڻي دوران کوهين مان پيئڻ جو پاڻي ڀريندڙعورتن جون تصويرون ڏسي فرسٽ سول جج جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. ڪيس جي ٻڌڻي فرسٽ سول جج جوهي عبدالسليم ڪلهوڙو جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي. عدالت پبلڪ هيلٿ کاتي جي ڪامورن کان پڇاڻو ڪندي چيو ته شهرين کي پاڻي ڇو ناهي فراهم ڪيو؟ جنهن تي پبلڪ هيلٿ کاتي جي سب انجنيئر غلام حسين پنهور ٻڌايو ته بجلي بند هجڻ ڪري ٽيوب ويل نه هلڻ ڪري پاڻي فراهم ناهيون ڪري سگهيا، جنهن بعد سيپڪو طرفان پيشي تي آيل ڊرگهه بالا فيڊر جي ايل ايس محسن دستي عدالت کي ٻڌايو ته طوفان اچڻ سبب بجلي فراهمي معطل هئي باقي شيڊيول مطابق واٽرسپلاءِ اسڪيم کي بجلي فراهم ڪئي وڃي ٿي. درخواستگذار شهرين عدالت کي ٻڌايو ته اسان کي پاڻي نٿو فراهم ڪيو وڃي، پبلڪ هيلٿ کاتي جا ڪامورا شهرين کي پاڻي فراهم ڪرڻ بدران روز روز نوان نوان بهانا ڪري عدالت جو وقت ضايع ڪري رهيا آهن. عدالت پبلڪ هيلٿ کاتي جي ڪامورن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو پيئڻ جو پاڻي شهرين جو بنيادي حق آهي، سمورن وارڊن ۾ رهندڙ شهرين کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي. عدالت پبلڪ هيلٿ کاتي جي ڪامورن کي حڪم ڏيندي چيو ته پاڻي جو شيڊيول ٺاهي جمع ڪرايو وڃي، ان سان گڏ جيڪي ملازم غيرحاضر آهن، هنن جون اهي ڏهاڙيون ڪٽيون وڃن، باقي ڪنهن به ملازم جي پگهار بند نه ڪئي وڃي. عدالت سيپڪو ايل ايس کي به ڇنڊ پٽيندي حڪم ڏنو ته واٽرسپلاءِ اسڪيم کي شيڊيول موجب بجلي فراهم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ ايس ڊي او مٿان به ڪيس داخل ڪيو ويندو. ٻڌڻي دوران ڪاڇي جي ڳوٺ گولو فقير واسي قلندر رودناڻي ڳوٺ جي واٽرسپلاءِ اسڪيم بند هجڻ سبب کوهين مان پاڻي ڀريندڙ عورتن جون تصويرون عدالت ۾ پيش ڪيون، جنهن کي ڏسي فرسٽ سول جج جي اکين ۾ ڳوڙها چي ويا، عدالت حڪم ڏنو ته گولو فقير واٽرسپلاءِ اسڪيم کي ٺهرائي ڳوٺاڻن کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي.