جوهي (ن پ ا) سيپڪو گردي خلاف احتجاج ڪندڙن اڳيان سيپڪو اختيارين گوڏا کوڙي ڇڏيا، سيپڪو دادو جي سپرنڊينٽ ٽن ڏينهن لڳاتار ڌرڻو هڻندڙ شهرين سان ڳالهيون ڪري سندن مطالبا منظور ڪري ڇڏيا، شهرين سيپڪو اختيارين جي خاطري تي 60 ڪلاڪن بعد ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ ڪالهه جوهي واسين ٽئين ڏينهن به گرڊ اسٽيشن اڳيان ڌرڻو جاري رهيو، رات دير تائين ڌرڻي واري هنڌ موسيقي جي محفل پڻ منعقد ڪئي وئي. نوجوانن جاويد پٺاڻ، عرفان رند، فرحان ٻٻر، رزاق ٿهيم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهيد مخدوم بلاول پارڪ کان ڌرڻي ۾ شامل شهرين جي حمايت ۽ سيڪو جي ڏاڍاين خلاف 2 ڪلوميٽر مارچ ڪري گرڊ اسٽيشن پهتا. گرڊ اڳيان شهرين ٽئين ڏينهن به قربان کوکر، هاشم کوسو، امين وگهيو،يونس سولنگي، منظور ٻٻر، جمن سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ زبردست احتجاج ڪيو. اڳواڻن چيو ته ڏينهن رات بجلي بند هجڻ ڪري شهر ۾ پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي، معصوم ٻارن سميت شهري چٽ جي قهر جي گرمي ۾ تڙپن پيا. مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته شٽربند هڙتال ڪنداسين. احتجاجي ڌرڻي ۾ پي ٽي آءِ تعلقي صدر امداد خان لغاري، جماعت اسلامي دادو جو صدر واحد بخش ٻٻر، سماجي اڳواڻ سانوڻ ٻٻر، زميندار عبدالنبي جمالي ۽ ٻين ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري ساڻن يڪجهتي جو اظهار ڪيو. سيپڪو دادو جي سپرنڊينٽ انجنيئر احمد خان شيخ، ڪريم بخش ميراڻي، علڻ خان لغاري ۽ ٻين احتجاجي ڪئمپ تي پهچي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون، مطالبا منظور ڪندي چيو ته جوهي سٽي ۽ ٻهراڙي ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ سان گڏ ڊي فٽنگ ڪري بجلي بند ڪرڻ جو آزار به ختم ڪيو ويندو.هن چيو ته جوهي سٽي ۾ ٻيو فيڊر به ٺاهيو ويندو، ڳوٺن کي سٽي فيڊر ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڪاغذي لک پڙهه ڪئي ويندي، شهرين چتاءُ ڏنو ته ڳالهين تي عمل نه ڪيو ويو ته ايس اي جي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻنداسين.