جوهي: هيرو خان ۾ ٽن ڏينهن کان کوهه اندر ٻارڙي جو لاش پيل

0
153
جوهي: هيرو خان ۾ ٽن ڏينهن کان کوهه اندر ٻارڙي جو لاش پيل
جوهي: هيرو خان ۾ ٽن ڏينهن کان کوهه اندر ٻارڙي جو لاش پيل

جوهي(ن پ ا) ڪاڇي جي علائقي هيرو خان ۾ ٽن ڏينهن کان کوهه اندر ٻارڙي جو لاش پيل آهي، پوليس ۽ انتظاميا ٽوٻا نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي لاش کوهه مان ڪڍڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪاڇي ۾ نجي يا سرڪاري ٽوٻا نه آهن، کوهه مان لاش ڪڍڻ لاءِ ڪارروائي نٿي ڪري سگهجي

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ٽن ڏينهن کان کوهه ۾ ٻارڙي جو لاش پيل آهي، پوليس ۽ انتظاميا کي هر هر اطلاع ڏيڻ باوجود لاش ٻاهر نه ڪڍيو ويو، اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي کوهه مان لاش فوري تي ڪڍرايو وڃي