جوهي(ن پ ا) جوهي ۽ ڪاڇي جي شاگردن کي ڪميشن جي امتحان جي تياري سميت پڙهائي لاءِ ذريعو بڻيل  واحد اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائبريري جوهي  سرڪاري بي ڌياني سبب مسئلن جي ور چڙهي وئي آهي. ميونسپل ڪاميٽي جوهي جي سهڪار سان هلندڙ  لائبريري ۾ ڪتاب پڙهڻ/امتحانن ۽ نوڪرين جي تيارين لاءِ ايندڙ شاگردن سميت شهرين کي ڪمپيوٽر، پيئڻ جي پاڻي، بجلي ۽ صفائي سميت بنيادي سهولتون نه آهي، جنهن ڪري نوجوانن رياض کوسو، ستار ڪنگراڻي، ذاڪر کوکر، ساجد سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لائبريري اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن الزام هنيو ته  ميونسپل ڪاميٽي طرفان ملندڙ ساليانو لکين رپيا بجيٽ ميونسپل انتظاميا ڪاغذن ۾ خرچ ڏيکاري هڙپ ڪري وڃي ٿي. لائبريري ۾ پيئڻ جي پاڻي، بجلي، صفائي ۽ ڪمپيوٽر جي سهولت ئي ناهي، چار ديواري ۽ چوڪيدار نه هجڻ ڪري لائبريري جي شيشن کي هڪ شخص پٿر هڻي ٽوڙي ڇڏيو. وڏو وزير ۽ ٻيو اختياريون نوٽيس وٺن.