برمنگهم (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي مڊل آرڊر بيٽسمين جوني بيرسٽو 10 هزار رنز مڪل ڪري ورتيون. جوني بيرسٽو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ 10 هزار رنز مڪمل ڪري ورتيون. جوني بيرسٽو ون ڊي ميچز ۾ 11 سيچرين ۽ 14 ففٽين جي مدد سان 3499، ٽي ٽوئنٽي ۾ 7 ففٽين جي مدد سان 1190 ۽ 86 ٽيسٽ ميچز ۾ 11 سينچرين جي مدد سان 5393 رنز ٺاهي چڪو آهي. جوني بيرسٽو هلندڙ سال ڪلينڊر ايئر ۾ هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ 5 سينچريون ٺاهي چڪو آهي. هن جو ساٿي رانديگر جو روٽ به 5 سينچرين ٺاهي گڏيل طور تي پهرين نمبر تي آهي.