جهڏو (ن پ ا) جهڏو ۾ پاڻي جي کڏ ۾ وهنجندي نينگر ٻڏي فوت، خبر موجب شهر جي ڀٽي پاڙي جي رهواسي  نيڪ محمد خاصخيلي جو 12 سالا پٽ فهد خاصخيلي گهر ڀرسان پاڻي جي کڏ ۾ وهنجندي ٻڏي ويو، اطلاع تي وارثن پهچي نينگر کي پاڻي جي کڏ مان ٻاهر ڪڍي جهڏو آر ايچ سي منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن پاران نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.