جهڏو(ن پ ا)  جهڏو ويجهو يونين ڪائونسل گنيرو جي ڳوٺ شهداد هوت ۾ محمد خان هوت جي 6 ورهين جي نياڻي اجوا جهٽڪن جي بيماري سبب فوت ٿي وئي ڌيءَ جي فوت ٿيڻ جي خبر ٻڌي صدمي سندس امڙ 28 ورهين جي مسمات شهزادي زال محمد خان هوت به فوت ٿي وئي ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ته فوت ٿيل نينگري ڪافي وقت کان جهٽڪن جي بيماري ۾ مبتلا هئي جنهن جو علاج پڻ هلندڙ هو جيڪو اوچتو بيماري سبب فوت ٿي وئي، هوڏانهن افسوس ناڪ واقعي ۽ گهر مان هڪ ئي وقت ٻه جنازه کڄڻ وقت ماحول سوڳوار ٿي ويو.