جهنڊومري (ن پ ا) جهنڊومري جي ڳوٺاڻن   جان محمد خاصخيلي، شبير خاصخيلي، مور خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن ۽ ٻارڙن احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اسان جي ڳوٺ جعفرخاصخيلي ۾ 10 ورهين کان اسڪول ۾ ماستر نه هئڻ ڪري اسان جي ٻارڙن جي تعليم تباھ ٿي رهي آھي ۽ اسان جا ٻارڙا مال چارڻ تي  مجبور آهن. اسڪول ۾ استاد مقرر ڪري ڏئي ٻارڙن جو مستقبل بچايو وڃي نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.