جهنڊومري (رپورٽ ڦولچندناکاڻي) جهنڊي  مري ۾ سنڌ جو ثقافتي ڏينهن شاندار نموني ملهاي ويو، ان ڏس ۾ سنڌ مري اتحاد ۽ ٿيٻا برادري حاجي عبدالشڪور ٿيٻو عبدالعزيز ٿيٻو  جي اڳوڻي ۾ زبردست ثقافتي ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي انساني زنجير ٺاهي رقص ڪيو، جڏھن ته ريلي جي شھر مان گذرڻ وقت نوجوانن سميت ٻارڙن طرفان قومي گيتن تي رقص جو سلسلو جاري رھيو.