ٽنڊوالھيار (خاص نمائندو) جهنڊومري ويجهو مريدهوٽل بس اسٽاپ وٽ آبادگارن پاران ميل شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ٽائرن کي باهيون ڏئي ميرپورخاص ٽنڊوآدم روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو. محمد موسيٰ خاصخيلي، محمد بخش بروهي، محمد اسماعيل عمراڻي جو چوڻ هو ته گذريل سال فصل ٻوڏ ۾ تباهه ٿيا،  هاڻي آبپاشي عملدار هٿ وٺي سڪائي رهيا آھن. هنن چيو ته اسان جي حصي جو پاڻي آبپاشي عملدار منڍ جي آبادگارن کي وڪرو ڪري رهيا آھن، ايس ڊي او سراج ميمڻ شڪايت ٻڌڻ لاءِ تيار نه آھي. ميل شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن اپيل ڪندي چيو خدارا پاڻي ڏنو وڃي، جر جو پاڻي پيئڻ جي قابل نه آھي