جهان کي ڏيو مبارڪون اهي پيا ڪاهيندا اچن

0
366
فوج کي سياست کان پري رهڻ گهرجي يا سياستدانن کان!

اسان جي محبوب وطن جا سياستدان جيڪڏهن چڱي ساک وارا هجن ها ته هن ملڪ کي هڪ بهترين فلاحي رياست جو درجو ملي چڪو هجي ها، ۽ دنيا جي ڪامياب جمهوريتن وانگي هن ملڪ ۾ به هڪ مضبوط سياسي نظام موجود هجي ها ۽ واقعي جيڪڏهن مضبوط سياسي نظام موجود هجي ها ته ملڪ ۾ ڪنهن به آمر کي هي همت نه ٿئي ها ته هو ڪنهن به چونڊيل سياسي حڪومت تي هروڀرو بيهودا الزام هڻي ان کي گهرو ڀيڙو ڪري ها ۽ ملڪ جي واحد معتبر، منظم ۽ مضبوط اداري جي بدناموسي جو باعث بڻجي ها. مضبوط سياسي نظام هجي ها ته سياستدانن مان اهي گروهه نه ٺهن ها جن کي “ايلڪٽيبلز” جو لباس ڏئي ابن الوقت بڻائڻ سان گڏ پنهنجي ئي سياسي پارٽين خلاف هڪ ٽشو پيپر جيان استعمال ڪيو وڃي ٿو. مضبوط سياسي نظام جي موجودگي ۾ هي ملڪ پنهنجي پاليسي ۾ آزاد، خودمختار هجي ها ۽ ڪنهن به ملڪ يا اداري جي امداد تي نه پلجي ها.
مضبوط سياسي نظام جي بدولت قوم جو باني پنهنجي زندگي جي ڪڙي آزمائش دوران هڪ کٽارا ايمبولينس ۾ سفر نه ڪري ها، محترمه فاطمه جناح چونڊن ۾ نه هارائي ها، پهرين وزيرِ اعظم کي ايئن هجوم جي آڙ وٺي قتل نه ڪيو وڃي ها، ڀٽي صاحب کي ڦاسي تي نه چاڙهيو وڃي ها، ۽ سندس موڀي پٽ کي سرعام پوليس پاران گولين جو بک نه بڻايو وڃي ها، سندس بهادر ڌيءَ ۽ مشرق جي راڻي کي پردي تان غائب نه ڪيو وڃي ها، ۽ نه ئي 77 سالن کان عوام خوار ٿئي ها. عوام هاڻي پنهنجي بنيادي مسئلن ۾، هڪ ٻئي بنيادي مسئلي “غيرملڪي پناهه گير” جو اضافو به ڪري ڇڏي. گذريل 40 سالن دوران ملڪ ۾ غيرملڪين، ٻاهرين، ڌارين ۽ نامعلوم ماڻهن جي لوڌ جو ايئن تسلسل سان ۽ بغير روڪ ٽوڪ جي اچڻ، ڪجهه سالن بعد سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ، ملڪيتون وٺڻ، مقامي ماڻهن کي مارڻ، لٽڻ، ۽ ڪوڙن ڪاغذن جي نتيجي ۾ ملڪي عوام جي دائمي ۽ آئيني حقن تي ڌاڙا هڻڻ هاڻي ڪو راز نه آهي .
اسان جي سياسي قيادت ۽ اعلى پڙهيل لکيل (سي ايس ايس) بيوروڪريسي جو حال هي آهي جو سنڌ جي تعليم کاتي ۾ سال 2008ع دوران سنڌي لينگويج ٽيچرز (SLTs) جي آسامين تي افغاني ڀرتي ٿي ويا. جڏهن کاتي اندر ئي موجود ڪجهه سڄاڻ ڌرين ان جي نشاندهي ڪئي، ۽ تنهن وقت جي تعليم جي وزير جي ملوث هجڻ جو ميڊيا ۾ چوٻول ٿيو ته پهريان ته ان پنهنجي هن عمل کان صاف صاف انڪار ڪيو پر معاملو جڏهن ڪورٽ ۾آيو ته سڀ اڇا ڪارا پڌرا ٿي پيا. ملڪ ۾ ٻاهرين ماڻهن کي ڪو ٻيو صوبو خاص طور تي پنجاب نه قبول ٿو ڪري نه هي انهن جي پاليسي ۾ شامل آهي.
غير ملڪين يا ٻاهرين ماڻهن کي ملڪ اندر گهرائي شهريت ڏيڻ لڳي ايئن ٿو ته رياست جي ڳجهي جيڪا هاڻي ڳجهي پاليسي نه رهي آهي، خاص طور تي سنڌين کي ٿورائي ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ وقت به وقت استعمال ۾ آندي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ جو هن ملڪ ۾ سنڌ ئي اهو واحد خطو آهي جنهن کي فطرت پنهنجي لازوال دولت سان مالا مال ڪيو آهي گڏ و گڏ سنڌ جا ماڻهو رياست جي آپيشاهي وارين پاليسين تي پنهنجو هڪ الڳ، سخت ۽ چٽو موقف رکن ٿا. رياست جي نيت کي وائکو ڪن ٿا ۽ انهن پاليسين تي سخت تنقيد ڪرڻ سان گڏ پنهنجو هڪ عالمي نقطه نظر به رکن ٿا. پنهنجي ئي ملڪ اندر رهي ڪري پنهنجي تاريخي سڃاڻپ، پنهنجي روادار ثقافت، پنهنجي ٻولي جي مڃتا ۽ فطرتي وسيلن جي مالڪي لاءِ ڪڏهن انفرادي يا اجتماعي طور تي، ته ڪڏهن ملڪي ايوانن اندر، ته ڪڏهن بين الاقوامي فورمن تي، پنهنجي موقف جي ڳالهه ڪرڻ سان گڏ ان کي ورجائيندا به رهن ٿا، ۽ گهر ڪندا رهن ٿا ته هن ملڪ کي هڪ گهڻ قومي رياست جي طور تي مڃيو وڃي، ۽ تاريخي قومن جي تاريخي، ثقافتي حقن کي آئيني تحفظ فراهم ڪيو وڃي. مالي ۽ زميني وسيلن جي مالڪي واري حق کي تسليم ڪيو وڃي پر رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا. يڪسان نصاب واري گوري به هڪ قسم جو فارمولو آهي اسان ۽ توهان جي وجود کان انڪار جو.
ڏٺو وڃي ته 73 جي آئين ۾ وفاق کي صوبن جي لڳ ڀڳ سڀني معدني، زميني، ساحلي، فضائي ۽ اسي سيڪڙو آمدني جي مالڪي ڏني وئي آهي پر پوءِ به وفاق جو رويو سنڌ سان سدائين اڍنگو رهندو آيو آهي. افغانستان ۾ هاڻوڪي صورتحال جي آڙ ۾، ۽ ساڳي راڳ “انساني حق” جي ستن ئي سرن کي ڳائيندي اسان جي سپر ايماندار وفاقي حڪومت هڪ دفعو ٻيهر پناهگيرن کي ملڪ اندر گهرائي رهائڻ جا بندوبست ڪري ڇڏيا آهن. هن کان اڳ ۾ وزيرِاعظم جو خاص صلاحڪار وڏي واڪي چئي رهيو هو ته اسان جو ملڪ هاڻي وڌيڪ پناهگيرن جو بار نٿو سهي سگهي. ان بعد رياست جو دادلو فرد ۽ اسان جو وزيرِ داخلا هڪ به پناهه گير ملڪ ۾ نه اچڻ جي خاطريون ڪرائي رهيو هو. پوءِ هي اوچتو اوچتو ڇا ٿيو جو راتو رات بارڊر کلي ويا! ڪٿي،2001ع ۾ هڪ سپر پاور پاران ملڪ جي اڳوڻي صدر کي ڌمڪي ڏيڻ جهڙي چال کي ته نه ورجايو ويو آهي؟
افغانستان جي صورتحال مستحڪم رهي ڪڏهن آهي؟؟ هن ڌرتي کي پنهنجي پاڙيسرين ملڪن سان گڏوگڏ، عالمي طاقتن به پنهنجي پنهنجي خواهشن تحت هلايو آهي، پنهنجي مرضي جون پاليسيون مڙهيون آهن، ۽ بين الاقوامي مفادن کي حاصل ڪرڻ ۽ پاڻ کي خطي جو “چوڌري” تسليم ڪرائڻ لاءِ استعمال پئي ڪيو آهي. افغانستان ۾ طالبان جي موجودگي يا حڪومت جي تشڪيل يا ان کي تسليم ڪرڻ لاءِ عالمي طاقتون هاڻي ڌيري ڌيري اڳيان اچي رهيون آهن ڇوته هڪ فوجي محاذ واري جنگ في الحال ته پنهنجي پڄاڻي تي پهچي چڪي آهي يا پهچي رهي آهي، ۽ هينئر سفارتي محاذ واري جنگ جو دنگل جاري آهي ۽ جڏهن کيڏاري به وري ساڳيا هجن ته پوءِ حڪمت عملي جو هڪ عالمي اصول هي به آهي ته ميدان خالي ناهي ڇڏڻو، ۽ گهڻو امڪان هي آهي ته جنهن جو پلئه ڀاري هوندو اهو ميدان ماري ويندو.
سو اچون ٿا پنهنجي موضوع ڏانهن. هڪ اندازي موجب پناهگير جيڪي ملڪ اندر اچي رهيا آهي ۽ بعد ۾ يقيني طور تي سنڌ ڏانهن ئي انهن جو پير هوندو انهن جو انگ 40 لکن کان وڌيڪ آهي. اندازو لڳايو ته صرف ٻن ٽن ڏينهن اندر 10 لکن کان وڌيڪ پناهگير ملڪ اندر اچي چڪا آهن، ۽ وفاقي حڪومت پاران هنن جي چڱي نموني سان پرگهور به لڌي پئي وڃي. سوال هي آهي ته جڏهن بنگلاديش آزاد ٿيو ته سڄي سنڌ ۾ ڪم سانگي رهيل بنگالي پنهنجي ملڪ ڏانهن ايئن غائب ٿي ويا ڄڻ هتي هئا ئي ڪونه. اسان پاڻ ننڍي هوندي هنن سان ٽٽل ڦٽل سنڌي ڳالهائيندا هئاسين. پوءِ آخر مسئلو ڇا آهي جو دنيا جهان جا ماڻهو اسانجي ملڪ ڏانهن پنهنجو پيدائشي حق سمجهي اچي رهيا آهن. ڇا هن ڳالهه ۾ واقعي صداقت آهي ته اسان جو ملڪ هڪ عالمي يتيم خاني ،مان هاڻي هڪ “سپر عالمي يتيم خانو” بڻجڻ وڃي رهيو آهي! جيڪڏهن ايئن ئي آهي ته پوءِ اسان جي حڪومت چاهي پوءِ اها وفاقي هجي يا صوبائي، نه ٻاهرين ماڻهن کي روڪي سگهي ٿي، نه جهلي سگهي ٿي ته هن دنگ کان ٻاهر ناهي نڪرڻو، ۽ نه پليَ سگهي ٿي ته توهان جو هن سرزمين تي سواءِ “عالمي پناهگيري حقن” جي ٻيو ڪوبه حق وغيرهه نه آهي.
سو عرض آهي پنهنجي مٺڙي عوام خاص طور تي قوپرست ڌرين کي ته اهي وقت جي نزاڪت کي سمجهن، عالمي مفادن واري “گيم” جي پرک ڪن، پنهنجي اوسي پاسي رونما ٿيندڙ واقعن جو جائزو وٺندا رهن. اهي اچي رهيا آهن، اهي ايندا رهندا. اسان بس ڏسندا ئيرهجي وينداسين ته ڪيئن اهي اسانجي دائمي ۽ آئيني حقن کي تين وال ڪري رهيا آهن. سرڪاري سرپرستي ۾ اهي اسان جي ملڪيتن جا وارث بڻجي ويندا جنهن جو تازو مثال منقولا ۽ غيرمنقولا وفاقي ڪاميٽي جو ٺهڻ آهي. اصولي طور ته هن مسئلي تي سنڌ حڪومت کي اڳيان اچي پنهنجو واضح، چٽو موقف رکڻ سان گڏ سنڌ اسيمبلي ۾ بحث به ڪرائڻ گهرجي ۽ وفاقي حڪومت جي هن قدم جي خلاف قرارداد آڻڻ گهرجي پنهنجي موقف جي مضبوط سياسي پٺڀرائي ڪرڻ سان گڏ عوامي سطح تي متحرڪ ٿي عوام کي واضح اشارن ۾ سمجهائي ۽ صوبي ۾ موجود مڙني سڀني مذهبي، سياسي، سماجي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺي ته ايئن ڪڏهن به نه ٿيندو ته سنڌ جتي اڳ ۾ ئي لکن جي تعداد ۾ پناهگير ويٺل آهن ٻين کي به هيڏانهن موڪليو وڃي. اسان جي ملڪ ۾ چند ڌريون جيڪي واقعي زبردست زندگي گذاري رهيون آهن انهن ۾ هتان جي ٽاپ ڪلاس اشرافيا، ڪاموراشاهي، بيوروڪريسي، ڪاروباري ماڻهن سان گڏ سياستدان، ۽ اهي غير ملڪي ماڻهو به آهن جن کي نه فڪر آهي نه فاقو. سو جهان کي ڏيو مبارڪون اهي پيا ڪاهيندا اچن.