لاهور (بيورو رپورٽ) جهانگير ترين جي حامي پارليامينٽيرين وزير اعظم عمران خان کي خط لکي ڇڏيو، جنهن ۾ ڪيس جي غيرجانبدار جاچ ٽيم جوڙڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، جهانگير ترين جي حامي پارليامينٽرين وزير اعظم عمران خان کان ملاقات لاءِ وقت گهري ورتو، خط ۾ چيو ويو آهي ته اسان سمجهون ٿا ته مخالفن پاران جهانگير ترين جي نالي ۽ ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ۽ وزيراعظم کي ان اشوز تي گمراهه ڪيو پيو وڃي، اسان شفاف جاچ جا مخالف ناهيون، چاهيون ٿا ته جهانگير ترين جي معاملي تي شفاف جاچ ٿئي. خط تي 6 ايم اين ايز ۽ 19 پنجاب اسيمبلي ميمبرن جون صحيحون موجود آهن.