ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا جهانوي ڪپور اڻ ڄاڻائي ۾ پنهنجي بواءِ فرينڊ شيکر پهاڙيا سان پنهنجي لاڳاپن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. تازو هڪ شو ۾ جهانوي ڪپور ۽ خوشي ڪپور مهمان طور شريڪ ٿيون جتي هنن مختلف موضوعن تي ڳالهيون ڪيون. شو جي پرومو ۾ مختلف سوالن جا جواب ڏيندي اداڪارا خوشي ڪپور ويدانگ رائنا سان پنهنجي لاڳاپن بابت حقيقت ٻڌائي، جهانوي ڪپور اڻ ڄاڻائي ۾ پنهنجي امڪاني بواءِ فرينڊ شيکر پهاڙيا سان پنهنجي رشتي جي تصديق ڪري ڇڏي.