ڪيپ ٽائون(دلچسپ نيوز) جهاز برفاني رن وي تي لهي تاريخ جوڙي ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڏکڻ آفريڪا جي راڄڌاني ڪيپ ٽائون مان اڏام ڀريندڙ جهاز 25 سئو ناٽيڪل ميل جو سفر 5 ڪلاڪن ۾ طئي ڪري انٽار ڪٽيڪا پهتو ۽ برفاني رن وي تي لهي نئين تاريخ جوڙي ڇڏي. اهو جهاز يورپي ڪمپني ايئر بيس تيار ڪيو جنهن کي اي 340 جو نالو ڏنو ويو. جهاز جي عملي انٽارڪٽيڪا ۾ ساڍا 3 ڪلاڪ گذاريا.