لاهور (انٽريسٽنگ نيوز) پاڪستان مسلم ليگ نواز جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز جي پٽ جنيد صفدر جي شادي جي تقريب دوران چانهه سان بسڪٽ کائڻ جي تصوير وائرل ٿي وئي آهي. سوشل ميڊيا تي جنيد صفدر جي ميندي جي تقريب مان ورتل تصوير شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ کيس اسٽيج تي ويهي هٿ ۾ چانهه جو ڪوپ پڪڙي بسڪٽ کائيندي ڏسي سگهجي ٿو. شيئر ڪيل تصوير ۾ جنيد صفدر کي اڇن ڪپڙن تي نيري رنگ جر واسڪٽ پاتل آهي ۽ مٿان اڇي رنگ جي شال پاتل اٿس هو ڪيمرا طرف ڏسي رهيو آهي. جنيد صفدر جي تصوير کي سوشل ميڊيا جي مختلف پيجز تي شيئر ڪيو ويو آهي جنهن کي مداح تمام گهڻو پسند ڪري رهيا آهن.