ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان جي ناليواري اداڪارا عائشه عمر پنهنجي ڪيترائي سال پراڻي رشتي جي حوالي سان انڪشاف ڪيو ۽ چيو ته ان رشتي ۾ هن کي ذهني ۽ جسماني تشدد کي منهن ڏيڻو پيو پر ڪنهن طرح مان ان کان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. ويجهڙ ۾ ئي عائشه عمر اداڪارا، ماڊل ۽ ڊائريڪٽر فريحه الطاف جي پوڊ ڪاسٽ انٽرويو ۾ اداڪارا ٻڌايو ته 8 سال اڳ جي ڳالهه آهي، اسان جي تقريبن ڳالهه پڪي ٿي وئي هئي، اسان فيملي جيان هئاسين، مونکي ان رشتي کي ختم ڪرڻ يا ان مان نڪرڻ م گهڻو وقت لڳو، ڇوته مان سمجهندي هيس شايد اهو شخص منهنجي محبت سان تبديل ٿي ويندو، مان هن کي ٺيڪ ڪري وٺندس. عائشه چيو ته اهو شخص سڀ ڪجهه ڪرڻ کانپوءِ معافيون گهرندو هو جنهن کانپوءِ مان هن کي معاف ڪري ڇڏيندي هيس ۽ واپس هن ڏانهن هلي ويندي هيس پر هڪ ڏينهن هن مون کي جسماني تشدد جو نشانو بڻايو، ان ڏينهن مون فيصلو ڪيو ته نه هاڻي وڌيڪ نه، ۽ پوءِ مان رشتو ختم ڪري ڇڏيو.